اسل??م آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي هرنائي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي ميجر محمد حسيب ۽ حوالدار نور احمد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظه??ر ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خا??مي جي لاءِ پر??زم آهيون.