اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري قلات ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي دهشتگرد حملي ۾ بهادر جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت چيو ته دهشتگرد عنصر ملڪ ۽ قوم جا دشمن، ترقي جي سفر کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. صدر مملڪت چيو ته بلوچ??تا?? جو عوام دهشتگرد عنصرن کي رد ڪري ٿو، دهشتگردن کي بلوچ??تا?? جو امن خراب ڪ??ڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر مملڪت واقعي ۾ زخمين جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي. صدر مملڪت شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظها?? ۽ ??بر لاءِ دعا ڪئي.