اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار ??اري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ ت??ڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ڪئي. واپار ??اري وزارت جي جاري پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻن??ي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي ناتن کي وڌائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻن??ي اڳواڻن وچ ۾ ت??ريخي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ ناتن کي هٿي ڏيڻ ?? حقيقي واپاري صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ وفاقي وزير مئي 2023ع ۾ ”ٽريڊ ان گڊز ايگريمينٽ“ کي عملي جامو پهرائڻ تي روشني وڌي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪ شين تي اوڳاڙين ۾ رعايت ڏني وئي هئي. سفير تجويز پيش ڪئي ته پاڪستان جنوري 2025ع ۾ ت??ڪيه ڏانهن هڪ وفد مو??لي ته جيئن اسلام آباد ۾ طئي ٿيل اعليٰ سطحي رياستي اجلاس کان اڳ عمل جوڳن منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي، جنهن کي واپار ??اري وزير ساراهيو. ڄام ڪمال خان نجي شعبي کي بااختيار بنائڻ لاءِ ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته بزنس ٽو بزنس مصروفيتن لاءِ ميچ ميڪنگ قدم اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ٻن??ي ڌُرين گڏيل رٿائن جا موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سفير ۽ وفاقي وزير حڪومت کان حڪومت (جي 2 جي) ۽ ڪاروبار کان ڪاروبار (بي 2 بي) مصروفيتن جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻن??ي ڌُرين پاڪ- ترڪيه ناتن جي مستقبل بابت اميد جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي گڏيل اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو عهد ڪيو.