اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪاررواين دوران 19 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي ??ڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشنز دوران 19 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ 3 بهادر جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف عل?? زرداري لانس حوالدار عباس عل??، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان جي ??ارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي ??اءِ صبر ?? جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي ??ڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر جو چوڻ ه?? ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي ??عنت جي خاتمي جي ??اءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي.