واشنگٽن -04 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي نئين مقرر سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي ميمبر ٽام سوزي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ?? ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي پاڪستاني سفير کي آمريڪا ۾ ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. پاڪستاني سفير ٻنهي ملڪن ۽ خطي لاءِ پاڪ – امريڪا لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪستاني سفير ٻه طرفي شراڪتداري ت?? ڳالهائيندي چيو ته اسان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ خيرسگالي ۽ دوستي جي ان جذبي کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن يوم آزادي جي موقعي ت?? ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي جي خيرسگالي ۽ سندس مقرري واري پيغام تي شڪريو ادا ڪيو. ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪ لاءِ سندس خدمتن تي پاڪستاني بر??دري جي تعريف ڪئي. ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، عوامي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستاني ڪاڪس کي متحرڪ ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.