آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جو ق??زقستان جو ڪامياب دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير پرولان زامائو بايوف نور سلطان بازيف ايئرپورٽ آستانه تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 2 ڏينهن جي دوري دوران سيڪا جي ڇهين سربراهي ا??لاس کي اهم خطاب ڪيو جڏهن ته دوري جي موقعي تي وزيراعظم فلسطين جي صدر محمود عباس، تاجڪستان جي صدر ا??ام علي رحمان، بيلاروس جي صدر ا??يگزينڊر لوڪاشينڪو، قازقستان جي صدر قاسم زومارٽ توڪايوف، ويٽنام جي نائب صدر، آذربائيجان جي صدر ا??هام عليوف سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.