اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شاگرد تنظيمن جي بحالي لاءِ ٺوس ضابطه اخلاق جوڙينداسين جنهن جي لاءِ عالمي شهرت رک??دڙ يونيورسٽين جي بهترين تجربن کي نظر ۾ رکيو وي??دو. وزيراعظم پن??نجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته يونينز مستقبل جي قيادت ۽ شاگردن جي ڪردارسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اسان عالمي شهرت رک??دڙ يونيورسٽين جي بهترين تجربن مان فائدو کڻندي هڪ اهڙو ضابطه اخلاق جوڙينداسين ته جيئن اسان شاگرد تنظيمن کي بحال ڪري سگهون ۽ اهي ملڪ جي مستقبل جي قيادت طور اسان جي نوجوانن کي مثبت انداز ۾ نکاري سگهن.