سيالڪوٽ – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيرا??ظم عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئين ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، ان بنياد تي تعمير ٿيندڙ عمارت ڪرپشن کان پاڪ، معاشي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ۽ مثالي پاڪستان جي ضامن ثابت ٿيندي، وزيرا??ظم عمران خان ليڊر آهي جيڪو ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جو سوچي ٿو، سياستدان ته رڳو پنهنجي ايندڙ اليڪشن جو سوچين ٿا ۽ ٽائم پاس ڪن ٿا، هنرمند پروگرام تحت پنجاب ۾ نيوٽا ذريعي 50 هزار ماڻهن جڏ??ن ته مدرسن جي 75 شاگردن کي تربيت يافته بڻائڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، پهريون ڀيرو بئنڪ آف پنجاب کي عوام جي خدمت لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ ان بئنڪ کي به دوستن جي فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کي پهرين قرضن جي فراهمي ۽ پوءِ معافي جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. هو ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.