اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمن تي زور ڏنو آهي ته هو ماڻهن کي گهر جي اندر رهڻ ۽ گهر ۾ نماز پڙهڻ بابت مشورو ۽ آگاهي فراهم ڪن جنهن سان بيماري جي پکڙجڻ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، موجوده بحران جو واحد حل سماجي فاصلي ک?? برقرار رکڻ آهي ۽ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام طرفان فراهم ڪيل رهنما اصولن تي عمل ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن مختلف مڪتب فڪر جي عالم سڳورن ۽ گورنرز سان وڊيو ڪا??فرنس ۾ ڪيو.