اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هي مائنس ون جي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ته هي چاهين ٿا ته عمران خان کي ڪڍي انهن جي ڪرپشن بچي ويندي، آئون مائنس ٿي به ويس ته هي نه بچندا، ڪرسيءَ اچڻ وڃڻ واري شيءَ آ??ي، ڪڏهن ناهي چيو ته لازمي آهيان پر جيستائين پنهنجي ??ظريي ۽ اصولن تي اسان بيٺل رهنداسين ڪير اسان جو ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگ??ي، ملڪ جي تشخص کي جيترو نقصان پاڪستان جي ??يڊرشپ پهچايو آ??ي، دشمن به نه ٿو پهچائي سگ??ي، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج حملي بابت اسان کي ڪو شڪ نه آهي ته اهو ڀارت ڪيو آ??ي، اسان جون ايجنسيون هائي الرٽ آهن، انهي جي ڪري چئن وڏن واقعن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ مڪمل ٿيڻ تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سڀني هڪ جذبي سان بجيٽ جي ??نظوري ۾ حصو ورتو آهي. بجيٽ کان هڪ رات اڳ نجي ??ي وي شوز ۾ ائين پيش ڪيو پئي ويو ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ هي حڪومت جو آخري ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته هو عورت ميمبرن جو به ٿورائتو آهي جيڪي ??يوان جي ڪارروائي ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيون آهن. مون کي پارٽي جي چيف وهپ عامر ڊوگر عورت ميمبرن جي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو آ??ي، آئون اقليتي ميمبرن جو به ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي خطاب جي شروع ۾ پاڪستان جي انهن هيروز جي ??ربانين جو اعتراف ڪرڻ چاهي ٿو جن ڪالهه ڪراچي ۾ پنهنجي جانين جي ??رباني ڏئي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ وارن جي ??نصوبي کي ناڪام بڻايو، سب انسپيڪٽر شاهد شهيد، اسٽاڪ ايڪسچينج جي ??ح??فظ?? افتخار، خدا يار حسن علي تمام وڏي قرباني ڏني آ??ي، اسان کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته حسن علي جي ڀيڻ ڀاءُ جي شهادت جي خبر ٻڌي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.