لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته ڪا به قوم انڊسٽريلائ??زي??ن کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ڪئي وئي، رڳو چونڊون کٽڻ جي لاءِ شارٽ ٽرم ??لا??نگ ڪئي ويندي رهي آهي، حڪومت جو رخ صحيح آهي، عثمان بوزدار ڊائنامڪ وڏو وزير آهي، پاڪستان جي ??لا??ز تي عمل ڪري ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا ترقي ڪئي، سنگاپور منصوبابندي تحت قدم کنيا ۽ اسان کان اڳتي نڪري ويو، منصوبي ۾ معاونت جي لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻندي. لاهور ويجهو شيخوپوره ضلعي ۾ قائداعظم ??زنس پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ??مران خان چيو ته قائداعظم ??زنس پارڪ جهڙو منصوبو شروع ڪرڻ تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چيو ته ڪا به قوم انڊسٽريلائ??زي??ن کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ترقي يافته قومن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت جو رخ صحيح آهي اسان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا آهن جتي مراعتون ڏنيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ چيو ويندو هو ته پاڪستان خطي جي قيادت ڪندو. ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا اسان جي منصوبن جي پيروي ڪري ترقي ڪئي پر اسان پٺتي رهجي وياسين. هن چيو ته ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اسان رڳو چونڊون کٽڻ جي لاءِ شارٽ ٽرم قدم کنيا ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڇڏي ڏني.