اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تازي في??لي جي آجيان ڪندي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان مستنند دستاويز جوڙڻ جي ضرو??ت تي زور ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ صدر سپريم ڪورٽ جي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان في??لي کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اهو فيصلو خصوصي ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي حوالي سان صحيح دستاويز ۽ انگ اکر جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ??هي معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ۽ مالي طور تي بااختيار ٿي سگهن. سپريم ڪورٽ 14 جولاءِ کي پنهنجي في??لي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي حڪم ڏنو آهي ته خصوصي ماڻهن کي هائوسنگ، ٽرانسپورٽ ۽ نوڪرين سميت عوامي جاين تي سه??لتون فراهم ڪن.