اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ بنا ڪنهن منصوبابندي جي آبادي جي پک??ڙ جي مسئلي جي حل ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي ت??جي??ي ب??يا??ن تي فراهمي جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وف??قي گادي واري شهر کي ماڊل سٽي بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي وف??قي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجل??س جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، خاص مددگار علي نواز اعواڻ، ايم اين اي راجا خرم شهزاد، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هُئا.