اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس ??بب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس ??بب 54 ف??تگيون ٿيون جنهن مان 28 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 363 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو ??يا ۽ 54 ماڻهو ان وائرس ??بب فوت ٿيا جن مان 47 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 39 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وي?? – 19 جا 43 هزار 744 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 632، پنجاب ۾ 16 هزار 635، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 234، اسلام آباد ۾ 5 هزا?? 798?? بلوچستان ۾ 584، گلگت بلتستان ۾ 419، آزاد ڪشمير ۾ 442 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??وي?? 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 80 هزار 696 ٿي چڪو آهي.