اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني شڪار ۽ وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ منظم قدم کنيا وڃن، ٻيلن جي بحالي ??اءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ ٻيلن جي تحفظ ۽ بحالي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جي ٻيلن واري وزير سبطين خان ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڇانگامانگا ۽ ٻين ٻيلن جي بحالي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. گذريل ڪجهه س??لن ۾ ڇانگامانگا جي اڍائي هزار ايڪڙ زمين کي وڻن کان محروم ڪري بنجر بڻاي?? ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌاي?? ويو ته مو??وده حڪومتي دور ۾ 10 بلين ٽري سونامي مهم ۾ هڪ هزار ايڪڙ رقبي تي وڻڪاري جو عمل مڪمل ڪي?? ويو آهي، اڍائي هزار ايڪڙ رقبي تي سال 2023ع تائين اهو عمل مڪمل ڪي?? ويندو. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي آلودگي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٻيلا ۽ وڻڪاري اهم اهميت رکندڙ آهن ۽ ٻيلن جو تحفظ ۽ بحالي مو??وده حڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي.