اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن ۽ متفقه فيصلو ڪن، پولنگ ٿيڻ کانپوءِ نتيجا صبح تائين ناهن ايندا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ کان ئي تيار نه آهن، مشينن جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن تي بجيٽ جو اضافي بار نه پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان اليڪٽرانڪ رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به هوندو، هر پولنگ اسٽيشن ۾ اهي مش??نو?? موجود هونديون جيڪي ا??ٽرنيٽ کانسواءِ ڪم ڪنديون. اهي مش??نو?? استعمال ۾ ڪرڻ ۾ آسان آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه آ??ي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ايندڙ پنج سال به عمران خان وزيراعظم هوندو. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي باري ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻيا ماهر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان اهم مسئلو نتيجن جو وقت سر نه اچڻ آ??ي، هن چ??و ته پاڪستان ۾ اليڪشن جي نتيجن کي تسليم ڪرڻ جا مسئلا رهندا آهن، ان جو حل اهو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي متفقه فيصلو ڪن، پر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، هن چ??و ته ڊسڪه ۽ ڪراچي ا??يڪشن ۾ اهي شڪايتون رهيون ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ڏينهن تائين نتيجا سامهون نه آيا، هن ٻڌا??و ته پاڪستان جي ا??جنيئرز، سائنسدانن ۽ يونيورسٽين ۾ موجود ماهرن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي تياري ۾ مدد ڪئي، جڏهن ان منصوبي تي ڪم شروع ٿ??و ته ان وقت اليڪشن ڪميشن تقريبن 36 شرط ڏنا ته جيڪا مشين تيار ڪئي وڃي ا??ا ان 36 شرطن تي پورو ل??ي، هن ٻڌا??و ته انهن مشينن جي تياري ۾ انهن سڀني شرطن کي مڪمل ڪيو ويو.