ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي معاشرتي ترقي جي لاءِ بطور اداري مسجدن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته مسجدون نه رڳو اسلامي رسمن جي لاءِ هونديون آه?? پر معاشرتي خدمت کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پڻ بهترين ذريعو آه??. صدر گورنر هائوس سنڌ ۾ دعوت اسلامي جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد گرين پاڪستان ويزن بابت پنهنجي سرگرمين ۾ حڪومت کي تعاون جي درخواست ڪئي. ڊاڪٽر ع??رف علوي وفد جي ميمبرن تي پڻ زور ڏنو ت?? اهي پنهنجي معاشرتي ڪم سان گڏوگڏ عوا?? کي بيمارين کان بچاءُ بابت آگاهي فراهم ڪن.