اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن سان گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حس??ن مقپون ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي وي اسٽيسن جي قيام لاءِ قدم کنيا پيا ??ڃن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڊجيٽل ڪيبل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جي خدمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن ۾ ڊجيٽل ??يڊ??ا ۾ دلچسپي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ??يڊ??ا ۾ نوجوانن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت بلتستان جي گورنر نوجوانن کي ڊجيٽل ??يڊ??ا طرف متوجهه ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي تجويز سان ات??اق ڪيو.