اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان لازمي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانست??ن جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اها ڳالهه هن ازبڪست??ن جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن اطلاعات واري وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ م??اق??ت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فائديمند شعبن ۾ تعاون سان پوري خطي ۾ موقعن ۽ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. هن چيو ته ڪراچي ۽ تاشقند جي وچ ۾ ريل ٽريڪ جي تعمير ۽ پاڪستان مان وچ ايشيائي رياستن سان رابطي جو خواب رڳو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ سان خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي ۽ تاشقند سان سمورن علائقائي مسئلن خاص طور تي افغانستان ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ چاهي ??و. ??ن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي تازي تاشقند جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي هڪ نئين سگهه ملي آهي، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن چيو ته پاڪستان افعانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانست??ن جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان هڪ اهم وچ ايشيائي ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن ثقافتي لاڳاپن سان عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر ۽ اردو جي مشهور شاعر اسد الله خان غالب جي زندگين تي فلم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڏس ۾ تجويز وزيراعظم جي ازبڪست??ن جي دوري دوران غور هيٺ آئي. م??اق??ت دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ان منصوبي جي شروعات جي لاءِ ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو ويندو. ان موقعي تي ازبڪست??ن جي سفير افغانستان ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪست??ن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت هجڻ گهرجي جنهن ۾ افغانست??ن جي سمورن گروپن جي نمائندگي هجي. هن ازبڪست??ن جي تاريخي جاين ثمرقند، بخاره ۽ صوفي ازم تي دستاويزي فلمو?? پي ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي تجويز کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر قسم جي سياحت جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. م??اق??ت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.