اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ??ابل ۾ افغان صدر اشرف غني، چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ۽ پنهنجي افغان هم منصب صلاح الدين رباني سان ملاقاتو?? ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ??الهيون پڻ ٿيون جنهن ۾ امن ۽ سلامتي بابت معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن کي بحث هيـٺ آندو ويو. افغانستان جو صدر اشرف غني پڻ ڳالهين ۾ موجود هو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستاني وفد جي قيادت ۾ جڏهن ته صدر اشرف غني افغان وفد جي سربراهي ڪري رهيو ??و. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجو??ه ۽ ٻيا عملدار شامل هئا.