اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صوبائي گورنرن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي صوبن ۾ ڪم ڪندڙ وفاقي ادارن ۾ شڪايتن جي ازالي جي نظام جو جائزو وٺڻ جي ذميداري سونپي ڇڏي، ان حوالي سا?? هدايتن تي منظم طريقي سا?? عملدرآمد لاءِ سينئر سطح جي فوڪل پرسن کي نامزد ڪيو ويندو جيڪو پرائم منسٽر ڊليوري يونٽ/ وزيراعظم آفيس سا?? رابطي ۾ رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب آڪٽوبر 2018ع کان، پاڪستان سٽيزن پورٽل (پي سي پي) سڄي ملڪ ۾ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ سڀني کان قابل اعتماد ذريعي طور سا??هون آيو آهي، ان پليٽ فارم عام ماڻهو کي صحيح معنيٰ ۾ بااختيار بڻائيندي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ آواز فراهم ڪيو آهي، آسان پهچ وقت سر ازالي ۽ شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي عمل ۾ شفافيت سا?? عوامي اعتبار ۽ اعتماد حاصل ڪ??و آهي، ٻن سا??ن ۾ 30 لک کان وڌيڪ رجسٽريشن (125،000 ماهوار) ان سسٽم تي عوام جو بي حد اعتماد ظاهر ڪري ٿو