اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چين ڪرونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري رهيو آهي، پ??ڪستان ۽ چين سدائين هڪ ٻئي جا گڏ بيٺل رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ وينٽي ليٽرز جو انگ وڌائي رهيا آهيون. هو ??سلام آباد ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.