اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اسان کي وبا کي به روڪڻو آهي ۽ ماڻهن جو معاشي تحفظ به ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس جي وبا پکڙي ضرور آهي پر قابو کان ٻاهر ناهي ٿي، حڪو??ت پاران رڳو ڪجهه هفتن ۾ 80 لک خاندانن ۾ سوا ارب رپيا ورهايا ويا آهن، بجلي جي بلن، پاڪ??تا?? جي آبادگارن ۽ صحت جي شعبن س??يت ٻيا رليف پئڪيج ان کانسواءِ آهن، ان صورتحال مان سرخرو ٿي اسان تڏهن ئي نڪري سگهنداسين جڏهن اسان اتحاد ۽ يڪجهتي سان گڏجي هلنداسين، چار ئي صوبائي حڪومتون، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلت??تا?? جون حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورون?? وائرس تي بحث کي سهيڙيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪجهه تقريرن ۾ سٺيون تجويزون آيون. امير حيدر هوتي سٺيون تجويزون ڏنيون ۽ سوال به اٿاريا.