وزيراعظم شهباز شريف سان پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان جي ملاقات

image
APP31-180422 ISLAMABAD: April 18 - Deputy Chairman Planning Commission Jehanzeb Khan calls on Prime Minister Shehbaz Sharif. APP

اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي تعطل جو شڪار ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عوامي فلاحي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن پلاننگ ڪميشن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٺوس منصوبابندي سان ٺوس پاليسين جي جوڙجڪ ۽ پاليسين جي تسلسل سان ملڪي معاشي، اقتصادي ترقي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته وزارتون ۽ ڊويزنون گڏيل تعاون کي يقيني بڻائين. هن چيو ته عوامي فلاحي منصوبا وڌيڪ غفلت ۽ نظراندازي جو شڪار نه ٿيندا، ترقي جو سفر اتان شروع آهي، جتان رڪيو هو، ملڪ ۽ قوم جو هڪ رپيو به ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين.

مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena