اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪس??ان ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي گڏيل عرب امارات جي قيادت پاران ڪوپ 28 ۾ شرڪت ??و دعوتنامو پهچايو، جيڪا 30 نومبر کان 12 ڊسمبر 2023ع تائين دبئي ۾ ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دعوت تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن گذريل سال پاڪس??ان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ ا??اراتي قيادت جي تعاون تي پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته يو اي اي جي ڪوپ 28 جي قيادت سان پاڪس??ان جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ خطري جو شڪار آهن، جي لاءِ بامعنيٰ نتيجا نڪرندا. هن سال جنوري ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر جي پاڪس??ان جي ڪامياب دوري جو ذڪر ڪ??دي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت جو گڏيل عزم آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات 17 لک پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.