بيونس آئرس-17 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي گلوڪار ۽ ناليوارو بينڊ ون ڊائريڪشن جو اڳوڻو ميمبر 31 سالن جو ليام پيني ارجنٽائن جي گاد?? واري شهر بيونس آئرس ۾ هوٽل جي ٽئ??ن منزل تان ڪري فوت ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ليام پيني جو لاش ان وقت مليو جڏهن ايمرجنسي سروس ک?? هوٽل ويجهو هيلپ لائين تان ڪال آئي. بيونس آئرس پوليس موجب ايمرجنسي ڪال کانپوءِ جڏهن پوليس واقع?? واري هنڌ پهتي ته گلوڪار جو لاش پيل هو، پوليس معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايمرجنسي ميڊيڪل سروس موجب ليام پيني کي تمام گهڻا ڌڪ لڳل آهن، سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. برطانيه جي پرڏيهي کاتي تصديق ڪئي آهي ته ارجنٽائن سان ??رطانوي گلوڪار جي فوتگي جي حوالي سان ??ابطي ۾ آهيون.