اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جي وحشي حڪومت والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ مسلسل انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون ڪري رهي آهي، ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري 113 ڏين??ن کان سخت گير ڪرفيو لاڳو ڪري شهري حق ختم ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ڀارت جو اصل مقصد ڀارتي والاريل ??مون ۽ ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ??رڻ آهي جنهن جي لاءِ هو گڏيل قومن جي ڪيترن ئي قراردادن ۽ انساني حقن جي طئي ٿيل اصولن جي ڀ??ڪڙي ڪري رهيو آهي، ايوان صدر مان جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر قطري اميري گارڊ جي ڪمانڊر اسٽاف ميجر جنرل حزه بن خليل بن منصور الشهواني سان ڳالهين دوران ڪيو جنهن پنهنجي وفد سان گڏ هتي ايوان صدر ۾ صدر سان ملاقات ڪئي.