اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خ??اف تفصيلي فيصلي ۾ موت جي صورت ۾ کيس ٽن ڏينهن تائين عوامي ج??ءِ تي لٽڪائڻ جي پيرا کي ملڪي ۽ شرعي قانونن ۽ عالمي انساني قانونن جي خ??اف قرار ڏيندي خاص عدالت جو فيصلو لکندڙ جج جسٽس سيٺ وقار جي خ??اف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف کي ڏنل سزا جي خ??اف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت طرفان اعليٰ عدليه کي درخواست ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل جج کي فوري طور تي ڪم کان روڪيو وڃي، ان اهم معاملي تي وفاقي حڪومت کي شديد خدشا آهن، پيرا 66 تي ٻن ج??ن اخت??اف ته ڪيو پوءِ اتفاق ر??ءِ ڪٿي هو؟ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ وزيراعظم جو احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.