اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪست??ن کي الله تعاليٰ جن وسيلن سان نوازيو آهي انهن کي صحيح معنيٰ ۾ استعمال آڻيون ته ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو، زرخيز زمين ۽ پاڻي جي فراهمي جي باوجود به اسان جي زرعي پيداوار ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ تمام گهٽ آهي، جديد ٽيڪنا??اج?? کي استعمال ۾ آڻيندي صرف پيداور ۾ اضافو ڪري وٺون ته ملڪ جي معيشت وڏ?? حد تائين مستحڪم ٿي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان بلوچستان سان تعلق رکندڙ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ??ند??ن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي وزيراعظ?? سان ملاقات ڪئي.