اسلام آباد – 08 سي??ٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي لاءِ حڪومت لائحه عمل طئي ڪري ورتو آهي. پارليامينٽ جي ايندڙ سيشن ۾ قانونسازي جو عمل اڳتي ??ڌندو، ذاتي ??فادن بدران ملڪي مفاد کي ترجيح ڏيندڙ مخالف ڌر جا ميمبر به ان بل جي اهميت کي سمجهندي مڪمل سپورٽ ڪندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڪري پارليامينٽ جو سيشن ايندڙ هفتي ??نعقد ٿيندو، ايندڙ سيشن جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي، ايف اي ٽي ايف بل پاڪستان جي لاءِ ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ گهڻي اهميت رکي ٿو.